چانديءَ جون تارون - پرهه کان پهرين (ڪتاب)

چانديءَ جون تارون - پرهه کان پهرين (ڪتاب)

چانديءَ جون تارون - پرهه کان پهرين (ڪتاب)

چانديءَ جون تارون - پرهه کان پهرين (ڪتاب): هي نامياري ڪهاڻيڪار خاتون ماهتاب محبوب جي ٻن ڪهاڻي ڪتابن جو گڏيل مجموعو آهي، جنهن جو مهاڳ ماهتاب محبوب جي ناٺِي ۽ نوجوان شاعر حسن درس لکيو آهي. هن ٻِٽي ڪتاب ۾ ماهتاب محبوب جون ڪل 34 ڪهاڻيون ڏنل آهن، جن ۾ سندس شاهڪار ڪهاڻيون: ’جيئڻ ڪارڻ جيڏيون‘، ’نڪ‘، ’شڪي‘، ’چانديءَ جون تارون‘، ۽ ’منزل‘ وغيره شامل آهن. 249 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1993ع ۾، نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب جي قيمت پڪي جلد سان 110 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو